حيدر علي

حيدر علي

حيدر علي

حيدر علي (راڳي): نوجوان راڳي حيدر علي، استاد رمضان عليءَ جي گهر ۾ 1982ع ۾ ڄائو. سندس والد توڙي ڏاڏو خير محمد خان وقت جا ڪلاسيڪي ڳائڻا هئا. حيدر علي 5-6 سالن جي ڄمار کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. هن راڳ جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد استاد رمضان عليءَ کان حاصل ڪئي. استاد رمضان عليءَ جي وفات کانپوءِ استاد خانصاحب عبدالڪريم خان جي ڏوهٽي موسيقار نياز احمد جي شاگردي اختيار ڪيائين. 1988ع ۾ پي. ٽي. وي تي کيس پروڊيوسر سميع بلوچ متعارف ڪرايو. ڪشش ميوزڪ چينل تان پروگرام ’مست گالا‘ شو ۾ حيدر علي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ ڳائي داد وصول ڪيو. سندس ڪمپوزيشن ۾ ’وڃجي اکيون پير ڪري‘ ڪلام تمام گهڻو مشهور ٿيو. سنڌ ٽي. وي چينل تان هڪ ٿري مارواڙي گيت ’ڪڏي آئو ني راسيلا ماري ديس‘، حميرا چنا سان دوگاني جي صورت ۾ ڳايائين. هن وقت (2011ع) سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين، سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن ۾ خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي. هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ نامور اديب نصير مرزا 1994ع ۾ متعارف ڪرايو. حيدر عليءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي سمورن داستانن جي نئين سر ڪمپوزيشن ڪئي آهي. سر ديسي مان، ڏاگهن ڏيرن ساڻ، ڪرهن ڪيچين ساڻ؛ سر سهڻيءَ مان، مدت ٿي ميهار يار، ساهڙ سئر سير ۾؛ سر ڪلياڻ مان، ٿيندو تن طبيب دارون منهنجي درد جو؛ سر ڪوهياري مان، آرياڻي پنهونءَ ري بسر راڻي مان، راڻا جي رجپوت مومل سي ئي پسندا؛ سر حسيني مان، ڪارون وس ڪيام، يا هوت هوت اي هوتا، ڏيندس ماه مِرُن کي وغيره سڀ نيون ڪمپوز ٿيل ڌُنون آهن، جيڪي هن پنهنجي وڏي ڀاءُ امير علي خان'>استاد امير علي خان جي ڪمپوزيشن ۾ ڳايون آهن. ان کان سواءِ هيءُ هڪ خانگي اداري ۾ موسيقيءَ جي تربيت به ڏئي رهيو آهي.


لفظ حيدر عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو